ثاني اثنين

ثاني اثنين: جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم مڪي کان مديني هجرت فرمائي ته ساڻن حضرت ابوبڪر صديقرضه گڏ هو. قرآن مجيد ۾ هي واقعو ثاني اثنين جي ضمن ۾ سورت توبہ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته، ”اگر توهين هن جي مدد نٿا ڪريو ته الله کي پرواهه نه آهي. ڇو ته الله رسول صلي الله عليه وسلم جي ان وقت مدد ڪئي. جڏهن هن (حضور صلي الله عليه وسلم) کي ڪافرن ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هُو ٻن مان هڪڙو هو. جڏهن هي ٻئي غار ۾ هئا ته هن (حضور صلي الله عليه وسلم) پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ته فڪر نه ڪر، ڇو ته الله اسان سان گڏ آهي.“


لفظ ثاني اثنينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو